سمن جو قبرستان

سمن جو قبرستان: سمن جي دور جو هي قبرستان ضلعي ٿرپارڪر ۾ اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ويندڙ رستي تي ڳوٺ لوڻيو لڳ موجود آھي. ھن قبرستان ۾ طاھر محمد سمي جو مقبرو آھي، جيڪو 400 سال پراڻو چيو وڃي ٿو. بس اسٽاپ لوڻيو لڳ مسجد آھي، جنھن جي ٻاھرين ڀت جي ساڄي پاسي ھڪ منارو (Mantra) ٺھيل آھي ۽ ان جي مٿان گنبذ ڏنل آھي. مسجد جي اڏاوت ڏسي چئي سگھجي ٿو ته ھن جي اڏاوت پير پٺي، منصوره ۽ ٺٽي ۾ ٺھيل پراڻين مسجدن وانگر آھي. جيڪي سمن جي دور جون ٺھيل آھن.


لفظ سمن جو قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو